[A version of this article in Sindhi appears at the end]

Claim: A picture shows a distraught woman holding the scorched body of her infant following a devastating fire last week in Dadu in Pakistan’s Sindh province.

Fact: The picture is, in fact, from 2018 when a fire erupted in the Lalu Raunk village in Qambar Shahdadkot, Sindh.

On 20 April 2022, news emerged of a deadly fire in Faiz Mohammad Daryani Chandio village of Dadu, Sindh that left more than half a dozen children dead, hundreds of animals killed, and over 70 houses burnt to the ground. Shortly thereafter, images of a distraught woman holding the scorched body of her infant daughter appeared on social media and became viral, with many writing posts condemning government authorities for a delay in emergency response.

The picture appeared on various Facebook pages, such as here, here, here, and here, and on Twitter accounts such as here, here, here, and here. It was also posted on Pakistani politics discussion forum Siasat.pk, as well as Turkish websites Cejna and En Son Haber.

Fact or fiction?

Soch Fact Check came across comments on three public posts on Facebook that flagged the photo as suspicious. The comments mentioned the years 2017 and 2018, the Lalu Raunk village, as well as the following terms and phrases: “Brohi tribe,” “propaganda,” “old picture,” and “damaging the case”.

Soch Fact Check used the term “لالو رائنڪ باھ” to search Facebook and CrowdTangle for relevant posts on social media from 8 April 2018 to 12 April 2018. The search turned up a few posts — such as this, this, this, this, this, and this — that feature the picture in question, confirming that it was from the 2018 fire. An original video of the distraught woman from 2018, as well as a clip of Sindh Awaz News’ report about the fire, also confirmed the same.

In addition, we also found two posts — here and here — that also raised the issue of the picture being from 2018 and not 2022 and drew attention to the misleading information currently circulating. Columnist Zaib Sindhi reshared a blog he had written originally on 17 April 2018 in the Sindhi language newspaper Kawish about how the woman in the viral picture became unconscious while trying to save her one-and-a-half-year-old daughter, Yasmin, who perished in the Lalu Raunk fire.

Virality

Soch Fact Check conducted a CrowdTangle search for the 19-21 April 2022 period using the following search terms:

  • “دادو”
  • “Dadu fire”

For the first search term, narrowing down our search to photos-only turned up more than 181,000 interactions across over 1,100 posts on Facebook. The second search term turned up 134 Facebook posts with close to 11,000 interactions. However, both terms are fairly generic and do not exclusively include false or misleading information.

Conclusion: The viral image in question is not from the deadly fire in Faiz Mohammad Daryani Chandio village of Dadu, Sindh, that erupted on 20 April 2022 but from four years ago, on 8 April 2018, when a toddler perished in a fire in the Lalu Raunk village in Qambar Shahdadkot, Sindh. The picture shows the child’s grieving mother.

[The Sindhi-language version of this article is as follows]

ماتم ڪندڙ عورت جي تصوير دادو باھ واقعي جي نہ، پراڻي آهي!

اها تصوير اصل ۾ 2018 ۾ لالو رائنڪ ۾ باھ واقعي جي آهي.

دعوي: ڪجھ ڏينهن کان هڪ عورت جي ماتم ڪرڻ واري تصوير سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهي آهي، جنهن بابت ٻڌايو پيو وڃي تہ اها تصوير فريد آباد باھ واقعي جي آهي.

حقيقت: اصل ۾ اها تصوير 2018 ۾ قمبر شهدادڪوٽ ضلعي جي ڳوٺ لالو رائنڪ ۾ پيش آيل باھ واقعي جي آهي.

20 اپريل 2022 تي دادو جي شهر فريد آباد ڀرسان ڳوٺ فيض محمد درياڻي چانڊيو ۾ باھ جو واقعو پيش آيو، جنهن ۾ لڳ ڀڳ معصوم ٻارڙن سميت 10 انساني جانيون ضايع ٿي ويون، سوين جانور ۽ 70 گهر سڙي رک جو ڍير بڻجي ويا. باھ واقعي کان ترت پوءِ، سوشل ميڊيا تي هڪ تصوير وائرل ٿي، جنهن ۾ هڪ عورت پنهنجي سڙي فوت ٿي ويل ٻار جو لاش کڻي ماتم ڪري رهي آهي، ان تصوير کانپوءِ حڪومت مٿان متاثرن جي ترت سهائتا نہ ڪرڻ تي تنقيد ڪئي پئي وڃي.

اها تصوير مختلف فيس بڪ پيجز تي هلي، هتي، هتي، هتي ۽ هتي. جڏهن تہ ٽوئٽر جي مختلف اڪائونٽس، جهڙوڪ هتي، هتي، هتي ۽ هتي پوسٽ ڪئي وئي، ان کان سواءِ پاڪستان جي سياسي بحث مباحثي واري فورم Siasat.pk کانسواءِ ترڪي جي ويب سائيٽ Cejna ۽ En Son Haber تي بہ پوسٽ ڪئي وئي.

حقيقت ڇا آهي؟

سوچ فيڪٽ چيڪ کي ان تصوير وارين پوسٽن تي ڪجھ اهڙا ڪمينٽ بہ پڙهڻ لاءِ مليا، جن ۾ دعوي ڪئي وئي آهي تہ اها تصوير پراڻي آهي ۽ ڄاڻايو ويو آهي تہ اها تصوير 2017 يا 2018 ۾ لالو رائنڪ ۾ لڳل باھ واقعي جي آهي. تبصرن ۾ لکيو ويو آهي تہ اها عورت بروهي برادري جي آهي، جڏهن تہ تصوير کي دادو باھ واقعي سان جوڙڻ واري عمل کي پروپيگنڊا قرار ڏئي دادو باھ واقعي جي ڪيس کي ڪمزور ڪرڻ جي مترادف قرار ڏنو ويو آهي.

سوچ فيڪٽ چيڪ 8 اپريل 2018 کان 12 اپريل 2018 تائين “لالو رائنڪ باھ” جو اصطلاح فيس بڪ ۽ ڪرائوڊ ٽينگل تي تلاش ڪيو تہ ان ۾ هي، هي، هي، هي، هي ۽ هي پوسٽون نظر آيون، جيڪي انهي عورت جي فوٽو سان شيئر ڪيون ويون هيون، جنهن مان تصديق ٿئي ٿي تہ ماتم ڪندڙ عورت جي اها تصوير 2018 جي باھ واقعي جي آهي. جڏهن تہ ماتم ڪندڙ عورت جي اصل وڊيو بہ 2018 جي آهي، جڏهن تہ سنڌ آواز نيوز جي هڪ وڊيو ڪلپ بہ ان ڳالھ جي تصديق ڪري ٿي.

ساڳي ريت، اسان کي ٻہ اهڙيون پوسٽون بہ نظر آيون، هي ۽ هي، جن عورت جي اها تصوير 2022 بدران 2018 جي هئڻ جو معاملو اٿاريو آهي ۽ غلط معلومات بابت ڌيان ڇڪايو آهي. ڪالم نگار زيب سنڌي پنهنجو هڪ ڪالم ري شيئر ڪيو، جيڪو اصل ۾ 17 اپريل 2018 تي ڪاوش اخبار ۾ ڇپيو هو. هن لکيو آهي تہ ڪيئن لالو رائنڪ جي اها عورت پنهنجي ڏيڍ سالن جي معصوم ڌيءُ ياسمين کي بچائڻ جي ڪوشش دوران بيهوش ٿي وئي هئي.

اها غلط معلومات ڪيتري پکڙي آهي؟

سوچ فيڪٽ چيڪ ڪرائوڊ ٽينگل استمعال ڪندي 19 کان 21 اپريل تائين هيٺ ڄاڻايل اصطلاح تلاش ڪيا.

  • ”دادو“
  • دادو باهه

پهرئين اصطلاع ۾ رڳو تصوير جي تلاش دوران فيس بڪ جي 1100 پوسٽن سان 181000 ردعمل آيا، جڏهن تہ ٻئي اصطلاح جي تلاش ۾ 134 پوسٽون ۽ 11000 ردعمل نظر آيا. واضح رهي تہ ٻنهي اصطلاحن ۾ ڪا بہ ڪوڙي يا غلط معلومات شامل ناهي.

حاصل مقصد: ماتم ڪندڙ عورت جي اها تصوير 20 اپريل تي فريد آباد ڀرسان ڳوٺ فيض محمد درياڻي چانڊيو ۾ لڳل باھ واقعي جي نہ پر چار سال اڳ 8 اپريل 2018 ۾ لالو رائنڪ ۾ لڳل باھ واقعي جي آهي، جنهن ۾ هڪ ٻارڙي سڙي فوت ٿي وئي هئي، جنهن تي سندس ماءُ ماتم ڪري رهي آهي.

 

Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Oldest
Newest Most Voted
Inline Feedbacks
View all comments
0
Would love your thoughts, please comment.x
()
x